سردار شوڪت حيات خان

سردار شوڪت حيات خان

شوڪت حيات خان سردار

شوڪت حيات خان، سردار: سياستدان، تحريڪ پاڪستان جي اڳواڻ، اٽڪ ۽ فتح جنگ ۾ ڪالا چٽا پهاڙ سان گڏ آباد کٽر قبيلي جي سردار شوڪت حيات خان 1915ع ڌاري جنم ورتو. هن ابتدائي تعليم امرتسر ۾ حاصل ڪئي. پوءِ عليڳڙهه ڪاليج ۾ داخلا ورتائين، ڪجھه عرصي بعد لاهور هليو ويو ۽ اتي 1935ع ۾ بي. اي ڪيائين. ان کانپوءِ ملٽري اڪيڊمي ديره دون ۾ فوجي تعليم ۽ تربيت حاصل ڪيائين ۽ ڪميشن ڏئي فوج ۾ شامل ٿيو. 1942ع ۾ ترقي ڪري ميجر ٿيو. ساڳئي سال فوج مان استعيفا ڏئي سياست ۾ حصو وٺڻ شروع ڪيائين. 1943ع ۾ خضر حيات خان ٽوانه جي ڪابينا ۾ وزير مقرر ٿيو. 1946ع ۾ وزارت کان الڳ ٿي مسلم ليگ ۾ شموليت اختيار ڪيائين ۽ پنجاب مسلم ليگ طرفان پارلياماني پارٽي جو ڊپٽي ليڊر مقرر ٿيو. تحريڪ پاڪستان جي عروج واري زماني ۾ ان ۾ اهم ڪردار ادا ڪيائين. پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ نواب آف ڪالاباغ جي ڪابينا ۾ بحاليات ۽ ماليات جو وزير بڻيو، هڪ سال کانپوءِ اختلافن جي ڪري استعيفى ڏئي ڇڏيائين. 1964ع ۾ صدر ايوب خلاف فاطمه جناح کي ڪامياب ڪرائڻ لاءِ ڪونسل مسلم ليگ ۾ شامل ٿي ڪم ڪيائين. 1966ع ۾ تاشقند معاهدي خلاف مظاهرن ۾ حصو وٺڻ جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو. ڪافي عرصو جيل ۾ گذارڻ کانپوءِ آزاد ڪيو ويو. 1970ع ۽ 1977ع جي عام چونڊن ۾ قومي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويو، ان وچ ۾ هي ڪجھه عرصو پاڪستان مسلم ليگ جو صدر پڻ رهيو. 10 نومبر 1976ع تي مسلم ليگ ڇڏي پاڪستان پيپلز پارٽيءَ ۾ شموليت اختيار ڪيائين. اپريل 1977ع ۾ کيس پارٽيءَ مان خارج ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ آگسٽ 1977ع ۾ مسلم ليگ (پاڳارو گروپ)۾ شامل ٿيو ۽ ڪجھه عرصي بعد ان کي به ڇڏي ڏنائين.
هن 24 سيپٽمبر 1998ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1976.11.10  عيسوي

سردار شوڪت حيات خان 10 نومبر 1976ع تي مسلم ليگ ڇڏي پاڪستان پيپلز پارٽيءَ ۾ شموليت اختيار ڪيائين.


1998.09.24  عيسوي

سردار شوڪت حيات خان 1915ع ڌاري جنم ورتو.هن 24 سيپٽمبر 1998ع تي وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پاٽائي عبدالواحد ڪبير
قاضي واجد
ساران صديقي ڊاڪٽر
پوپ جاهن پال
حاجي امام الدين راشدي
ٻيڙو فقير ڪنڀار
ڀنڀاڻي نارائڻداس ميوارام
پير بخش خاصخيلي
امام راشدي
چڪوري
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون